ٻيٽو جتوئي

ٻيٽو جتوئي: ميھڙ تعلقي جو مشھور ڳوٺ، جتي سنڌ جو بزرگ سياستدان رئيس عبدالحميد خان جتوئي رھندو ھو. جنھن ”ون يونٽ“ خلاف مرڪزي اسيمبليءَ ۾ ووٽ ڏنو ھو. ھن جو ھڪ پٽ خان جتوئي'>اعجاز علي خان جتوئي سينيٽر ۽ ٻيو پٽ لياقت علي خان جتوئي سنڌ اسيمببليءَ جو ميمبر، وزير خزانه ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ ٽيون پٽ صداقت علي خان جتوئي سينيٽر رھي چڪا آھن. ھتي پڪا روڊ، بجليءَ جو انتظام، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول، ھاءِ اسڪول، واٽر سپلاءِ نظام، ڪميونٽي سينٽر، موجود آھن. رئيس عبدالحميد خان جي والد قادر بخش خان جتوئيءَ جي نالي سان ھتي ھڪ شاندار لائبريري قائم آھي، جيڪا سنڌ ثقافت سياحت کاتي جي ھٿ ھيٺ ھلندڙ آھي، ھتي ريسٽ ھائوس به موجود آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو